راوڙ جو قلعو

راوڙ جو قلعو (ماڳ): هي قديم دؤر جي هڪ قلعي جا کنڊر آهن. هيءُ ماڳ قديم آثارن جي ماهرن هندو دؤر جو ڄاڻايو آهي. ماڳ ضلعي بدين ۾ ڪرهيي ڀانڊاريءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. هن قلعي کي ’دانو جو قلعو‘ به سڏيو وڃي ٿو. هن قلعي لاءِ محققن ڄاڻايو آهي ته: ”هن جي ڀر مان ريڻي درياهه وهندو هو. هيءُ قلعو چچ پنهنجي دؤر ۾ ٺهرايو هو، جيڪو هن اونهاري جي چئن مهينن جي رهائش لاءِ تعمير ڪرايو هو. راجا چچ هتي اڪثر اونهاري جي موسم ۾ اچي رهندو هو. هن جاءِ تي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ معرڪو ٿيو، راجا ڏاهر کي محمد بن قاسم شڪست ڏني. سنڌ ۾ هتان مسلمانن جي حڪومت جو آغاز ٿيو. پوءِ جي دؤر ۾ انهيءَ جاءِ تي وانو پير جو ڳوٺ هو. اهو ساڳيو ڳوٺ چچنامي ۾ ’راوڙ‘ جي نالي سان ڄاڻايل آهي. هن جو ذڪر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ به آهي.


لفظ راوڙ جو قلعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو